دليپ ڪوٺارِي

دليپ ڪوٺارِي

دليپ ڪوٺارِي

دليپ ڪوٺارِي: نامياري ليکڪ ۽ شاعر دليپ ڪوٺاري، مٺيءَ ۾ پهلاج مل ڪوٺاري لوهاڻي جي گهر ۾ 4 جنوري 1973ع تي جنم ورتو. شروعاتي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم مٺيءَ مان ئي حاصل ڪيائين، جڏهن ته ’زراعت ۽ جِيتن جِي سائنس‘ ۾ گـرئجُـوئـيـشـن ۽ پـوسـٽ گـرئجُـوئيـشـن جا امتحان سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊي ڄام مان (1991ع) ڏنائين. سندس ڪهاڻيون، شعر ۽ مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شـايـع ٿيـنـدا رهـيـا آهـن. دلـيـپ ڪـوٺاري ڪجهه وقت ’عبرت مئگزين‘ جو سب ايڊيٽر به رهيو آهي. لکڻ جو آغاز ٻاراڻي ادب کان ڪيائين. هن مٺيءَ ۾ ’نينهن پبليڪيشن‘ نالي هڪ اشاعتي ادارو به قائم ڪيو آهي، جنهن طرفان هن وقت تائين مقبول شاعر سائينداد ساند جو شعري مجموعو ’ڳوڙهن ڳالهايو‘ (1996ع)، نوجوان شاعرن فيض فِراقِيءَ جو شعري مجموعو ’غمن جون گهَٽائون‘ (2004ع) ۽ ڀارُو مل امراڻي سوٽهڙ جا ٻه ڪتاب: ’گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا...!‘ (لوڪ شاعري: 2006ع) ۽ ’مُرڪن مالهائُون‘ (شاعري: 2012ع) شايع ڪرايا آهن.
دليپ ڪوٺاري ڪيترن سالن کان ڳوٺاڻي ترقيءَ جي سهڪاري رِٿا ’ٿرديپ‘ سان ’دستاويزبندي ۽ اشاعت سازي‘ آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اُن جي ٽماهي رسالي ’ٿرديپ سماچار‘ جو ايڊيٽر ۽ اداري جي ڪيترن ئي ڪتابن جو مُرتب آهي. سندس اِدارت هيٺ هن وقت تائين ’ٿرديپ سماچار‘ جا ويهارو شُمارا ڇپجي چڪا آهن. سماجي ترقيءَ جي اتساهيندڙ مثالي ڪهاڻين، ٻارن جي لڪل ذهني ۽ تخليقي صلاحيتن کي اُجاڳر ڪرڻ، صنفي برابريءَ جي شعور کي هٿي وٺرائڻ، لوڪ ڏاهپ کي سهيڙڻ ۽ امن ۽ رواداريءَ جي ڦهلاءَ وارن موضوعن تي هن ٿرديپ جي تـوسـط ۽ ذاتـي لـڳاءَ سـان تـحـريـر، تحـقيـق، تـرجـمـي ۽ تـرتيـب وسـيلي 15 ڪتابڙا ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، جن ۾: (1) ’سستو چُلهو- سؤکِي سانجڻ‘، (2) ’سهنج جو سامان‘، (3) ’ڀيڙو پاڻي-نيڙو پاڻي‘، (4) ’ٻار گُهرن ٿا پيار‘، (5) ’ننڍا قرض- وڏا لاڀ‘، (6) ’پِيار منجهان ڏيان پِينگهو لوڏي‘ (سنڌي لولين، هُلراڻن ۽ هيجاڻن جي چونڊ)، (7) ’مٽيءَ-هٿڙن جي ڪلا ۽ ٻوڏ سٽيل ٻارڙا‘ (ٻارن جي چترڪاري ۽ ٺهڪندڙ شعرن جون سٽون)، (8) ’اصـلـوڪـن لـوڪـن جـا آواز‘ (ڌرتـي ڌڻين جي شاعريءَ جا چونڊ اسم)، (9) ’اچـو تـه پنهـنجو ڳـوٺ سـڌاريون‘ (صفائي سٿرائي ۽ ٻارن جي پورهئي جـي حـوصـلـي شـڪـنـيءَ تـي ڇهن طبعزاد ۽ ٻِن چونڊيل گيتن جو ڪتابڙو)، (10) ’ڏِيئي سَنديُون لاٽُون‘ (ٿرديپ سماچار جا چونڊ اداريا) ۽ (11) ’امن جي آرسي‘ وغيره شامل آهن.
دليپ ڪوٺاري نوجوان محققن جي معاونت ۽ تحقيقي سرگرمين لاءِ مٺي (ٿرپارڪر) ۾ ’رابيل ريسورس سينٽر‘ نالي هڪ ادارو به قائم ڪيو آهي. هو ’ڏات ڌڻي مڃتا فورم، مٺي‘ ذريعي سنڌ، خاص ڪري ٿر جي قلمڪارن ۽ ڪلاڪارن جي علمي، ادبي، فني ۽ فڪري پورهيي جي قدردانيءَ جي ڏِس ۾ مختلف مڃتا ۽ اعزازي تقريبون منعقد ڪري چُڪو آهي. ان کان سواءِ سنڌي ادبي سنگت مٺيءَ جي سيڪريٽري ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي رابطا سيڪريٽريءَ طور پنهنجي دور ۾ نه رڳو سرگرم رهيو، پر ڪيترا ادبي ۽ ثقافتي پروگرام به ڪرائي چڪو آهي. ان ڏس ۾ هيءَ شاخ سنڌ جي بهترين شاخن مان هڪ قرار ڏني وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.01.04  عيسوي

نامياري ليکڪ ۽ شاعر دليپ ڪوٺاري، مٺيءَ ۾ پهلاج مل ڪوٺاري لوهاڻي جي گهر ۾ 4 جنوري 1973ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿامس ايڇ ويلر
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
بولچند ڏيارام
سنتوش ڪمار
ثمينه ڪنول
پرمانند هرداس مل
سيد ملا مير سبزواري
غلام جيلاني برق
جيوڻ شاهه سيد
نور محمد انڍڙ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون